سيل فون

سيل فون

سيل فون

سيل فون (Cellular Radio Telephone): گهٽ سگهه (power) تي هلڻ وارو هلڪو ڦلڪو ٽرانسسٽر رسيور، جيڪو موبائيل استعمال ڪرڻ وارن کي وائيس ٽيليفون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪري ٿو. سيل فون بنيادي طور هڪ پورٽيبل يا تار کانسواءِ ٽيليفون وانگر ڪم ڪندو آهي، پر روايتي تار واري فون جي ابتڙ سيل فون مڪمل طور پورٽيبل آهن. سيل فون جي هڪ بلڪل نئين قسم ۾ وائيس ڪانفرنسنگ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ به شامل آهي. هي تمام تيزيءَ سان روايتي فونن جي جاءِ وٺي چڪو آهي. سيل فون، سيليولر ٽاورن کي ريڊيو سگنل موڪلڻ جي ذريعي ڪم ڪندو آهي. ڪجهه ٽاور ڏيڍ کان اڍائي ڪلوميٽر، جڏهن ته ٻيا 48 کان 56 ڪلوميٽرن تائين سگنل موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جي قابل آهن. مختلف ٽاورن جي وچ ۾ رابطو عام طور تار، فائيبر، آپٽڪ ڪيبل يا مائڪرو ويوَ ذريعي جوڙيو ويندو آهي. سيل فون نيٽ ورڪس اڄڪلهه دنيا جي گهڻو ڪري هر وڏي شهر ۾ قائم ٿي چڪا آهن ۽ ڳوٺن تائين به هيءَ سهولت پهچي چڪي آهي. سڀ کان پهرين ڪمرشل سيل فون کي 1970ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ شڪاگو جي الي نائيس بيل ڪمپنيءَ آزمايو ۽ اُها نهايت ڪامياب رهي. سيل سروس ڪيريئرز 1980ع جي ڏهاڪي دوران سڄي آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ لڳا. سيليولر ريڊيو سروس دستياب ٿيڻ کان اڳ موبائيل ٽيليفون سروس ڪافي وڏي ٽيليفون ريڊيو يونٽن تي مشتمل هوندي هئي. هي ٻه طرفا ريڊيو يونٽ شهر يا علائقي ۾ واحد اينٽينا سان مواصلاتي طور جُڙيل هوندا هئا. اڪثر ڪمرشل ريڊيوز جا سگنل اُن ۾ گڙٻڙ ڪندا رهندا هئا. عوامي گهرج کي آڏو رکندي فيڊرل ڪميونيڪيشنز ڪميشن ان ۾ 1990ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري هر سروس ايريا ۾ وڌيڪ ڇهه موبائيل ٽيليفون سروس مهيا ڪيا ويا. 2001ع ۾ آمريڪا ۾ 12 ڪروڙ کان وڌيڪ وائرليس استعمال ڪندڙ موجود هئا. نيٺ اڳتي سروس مهيا ڪندڙن نوان پيڪيج متعارف ڪرايا ۽ وسيع بنيادن تي مارڪيٽنگ ڪئي، جنهنڪري سيل ٽيليفونز جي قيمت گهٽجندي وئي. سيليولر نيٽ ورڪس جي ڦهلجڻ سان گڏوگڏ اگهه به گهٽ ٿيندا ويا.
پاڪستان ۾ هن وقت نوڪيا، سامسنگ، ايل. جي، قيو موبائيل ۽ چائنا ڪمپنين جا موبائل ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي جديد قسم جا سيل فون، جن ۾ انٽرنيٽ، واءِ فاءِ، ڪئميرا، ايف. ايم ۽ وڊيوز وغيره جون سهولتون موجود آهن.


لفظ سيل فونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو